لنڊن-18 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي ع??ب ۽ برطانيه جي اعليٰ سطحي جوائنٽ اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ دفاعي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. سعودي خابرو اداري ايس پي اي مطابق گذريل ڏينهن لنڊن ۾ سعودي ع??ب ۽ برطانيه جي اعيٰ سطح جي جوائنٽ اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت سعودي دفاع واري وزير جي صلاحڪار انجنيئر طلال بن عبدالله العتيبي ۽ برطا??وي وزارت ۾ صنعت، واپار ۽ اقتصادي سلامتي جي ڊائريڪٽر جنرل ايورل جوليف ڪئي. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو جائزو، دفاعي تحقيق ۽ ترقي ۽ سعودي عرب جي ويزن 2030ع مطابق ٽيڪنالاجي منتقلي ۽ لوڪلائيزيشن جي شعبي ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار جي پ??لو??ن تي غور ڪيو ويو. انجنيئر طلال العتيبي برطا??وي دفاع واري وزارت جي هيڊ ڪاورٽر ۾ برطانيه جي دفاعي پيداوار واري وزير ۽ پارليامينٽ جي ميمبر جيمز ڪاٽليج به ملاقات ڪئي.
سعودي عرب ۽ برطانيه جي اعليٰ سطحي جوائنٽ اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔