ڪيپ ٽائون – 12 جنوري (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا انصاف جي عالمي عدالت کي مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل کي غزه ۾ فوجي آپريشن کي فو??ي طور معطل ڪرڻ جو حڪم ڏي. رائٽرز مطابق نيدرلينڊز جي شهر دي هيگ ۾ ڏکڻ آفريقا طرفان اهو مطالبو گڏيل قومن جي اعليٰ ترين عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڪيس جي شنوائي جي پهرين ڏينهن سامهون آيو. ڏکڻ آفريقا چيو ته اسرائيل غزه ۾ فلسطيني شهرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. ڏکڻ آفريقا چيو ته 3 مهينن جي اسرائ??لي بمباري غزه جو وڏو حصو تباهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ 23 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ اٽڪل 23 لک فلسطيني بي گهر ??يا. اسرائ??لي حڪومت جي ترجمان ايلون ليوي چيو آهي ته اسرائيل ڏکڻ آفريقا جي رتو ڇاڻ جي الزام کي ختم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي انصاف واري عدالت آڏو پيش ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ