برسلز/واشنگٽن – 08 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا اسرائيلي ناڻي واري وزير بيزاليل سوٽرچ جي ان بيان جي مذمت ۽ آمريڪا حيرت جو اظهار ڪ??و آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته غز?? جي 20 لک آبادي کي بک سان مارڻ جائز ۽ اخلاقي طور درست هوندو.. اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي بيان کانپوءِ عالمي برادري ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪ??و آهي. يورپي يونين چيو ته شهرين کي بکيو رکڻ جنگي ڏوهه آهي. يورپي يونين جاري بيان ۾ چيو ته ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيلي وزير جي عالمي ۽ بنيادي انساني اصولن لاءِ نفرت جو واضح اظهار ٿئي ٿو. فرانس پڻ اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي بيان تي تنقيد ڪندي افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. فرانس چيو ته غز?? جي ماڻهن کي انساني امداد پهچائڻ عالمي انساني قانون تحت اسرائيل جي ذميواري آهي ڇو جو اسرائيل وٽ ئي سموري علائقي جو ڪنٽرول آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته اسرائيلي وزير جي بيان جو ڪو جواز ناهي. هن اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو اهو بيان واپس وٺي ۽ ان جي مذمت پڻ ڪري. آمريڪا اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي ان بيان تي حيرت جو اظهار ڪ??و آهي جنهن ۾ هن چيو ته غز?? جي ماڻهن کي بکيو رکڻ جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو. آمريڪي انتظاميا گذريل ڏينهن اسرائيلي وزير جي هلندڙ هفتي جي تبصرن جي عالمي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ غز?? جي پوري آبادي کي بک ذريعي مرڻ جو جواز پيش ڪري سگهجي ٿو.
يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا طرفان اسرائيلي وزير جي فلسطينين کي بک ذريعي مارڻ جي بيان جي مذمت، آمريڪا طرفان حيرت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کڑک