گڏيل قومون – 9 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته س??ڊان ۾ 16 مهينن کان جاري جنگ جي صورتحال جي نتيجي ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ لکين بي گهر ٿي چڪا آهن. ملڪ جو بنيادي ڍانچو پڻ تباهي جو نقشو پيش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صحت جي عالمي اداري (ڊبليو اي?? او) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس اذهانوم گبريس 2 ڏينهن واري دوري بعد پورٽ سوڊان شهر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران فوتين ج?? انگ جو اعلان ڪيو آهي. اهو شهر فوج جي حمايت يافته عالمي سطح تي تسليم ٿيل حڪومت جو هيڊ ڪوارٽر آهي. ٽيڊروس چيو ته فوتين ج?? اصل انگ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. سوڊان هڪ طوفاني بحران ج?? شڪار آهي جتي تباهي جي حد ڇرڪائ??ند?? آهي. سندس چوڻ هو ته هتي تڪرار گهٽائڻ لاءِ کنيل قدم ناڪافي آهن.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری