اسلام آبا?? – 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ارجنٽائن سان گڏيل تعاون کي فروغ ڏئي ٻه طرفي معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي?? هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ارجنٽائن جي سفير ايوان ايوانسيوچ سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ اسپيڪر سان ملاقات ڪئي. پاڪ ارجنٽائن دوستي گروپ جي ڪنوينر غوث بخش خان مهر به ان موقعي تي موجود هو. اسپيڪر ارجنٽائن جي پنهنجي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏي??دي چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن ۾ فروغ ۽ اقتصادي تعاون ۾ اضافو ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات