حسن ابدال – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قوم جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي، نوجوان ايندڙ دور جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪن ته جيئن مستقبل ۾ پيش ايندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهن، تعليم ۽ تربيت ۽ پاڪستان جي دفاع لاءِ سرفروش ۽ پرعزم جوانن جي تربيت ۾ ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال اهم ڪردار ادا ??ري رهيو آهي. اها ڳالهه هن ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال جي سالياني والدين جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته تعليم ۽ تربيت ۽ پاڪستان جي دفاع لاءِ سرفروش ۽ پرعزم جوانن جي تربيت ۾ ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال اهم ڪردار ادا ??ري رهيو آهي. هن چيو ته اي پي اي?? پشاور ۾ شهيد ٿيندڙ بيگناهه استاد ۽ ٻار اسان جا محسن آهن، اسان انهن شهيدن جي جرئت ۽ بهادري ۽ ثابت قد??ي کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ وچن ڪريون ٿا ته آئنده ڪڏهن به اهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين جنهن سان اسان جي ٻارن ۽ پاڪستاني قوم جي ڪنهن شخص جي جان خطري ۾ نه پوي.
قوم جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔