اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پوري قوم جي نمائندن جهڙي انداز سان وزيراعظم ع??را?? خان جي گڏيل قومن جي تقرير جي پذيرائي ڪندي بي مثال استقبال ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي، عوام جو وڏو هجوم ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته جي??ي دلين ۾ رهن ٿا عوام انهن کي ??نهنجي اکين تي ويهاري ٿي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم ع??را?? خان جي هڪ ڪلاڪ جي خطاب اسلام جي نام نهاد ٺيڪيدارن جي دي??ڙي وچ چوراهي تي وائکي ڪري ڇڏي آهي، ناموس رسالت صه تي جيڪا سياسي دڪانداري انهن چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي انهن جي فلم سئنيما اسڪرين تي لڳڻ کان اڳ ئي فلاپ ٿي وئي آهي، هاڻي انهن جي چورن ڪنهن د??ان تي وڪامجڻ واري نه آهي، اسلام جي نالي تي سياسي دڪان چمڪائيندڙن کي ??يغام ڏيان ٿي ته اهي اڳتي وڌي وزيراعظم ع??را?? خان جو مٿو چومين ۽ پنهنجو سياسي مورچو بند ڪري ڪشمير جي مورچي تي اسان سان گڏ بيهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم ع??را?? خان جي وطن واپسي جي موقعي تي هوائي اڏي تي بي مثال استقبال کانپوءِ شرڪت ڪندڙن ۽ صحافين کي خطاب ڪندي ڪيو.
قوم جهڙي انداز سان وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل