اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان ان عزم کي ورجايو آهي ته هڪ طرف عوام کي ڪرونا وائرس وبا کان بچائڻ ۽ ٻئي طرف عوام کي بک، غربت ۽ بي??وزگاري کان به محفوظ رکڻو آهي، وفاقي ڪابينا قومي رابطا ڪميٽي جي فوڊ سپلاءِ جي لاءِ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ جي فيصلي تي سنڌ حڪومت پاران عملدرآمد نه ڪرڻ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ رينجرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن تي ان جي روح موجب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، وزير??عظ?? عمران خان ڪرونا وائرس متاثر ماڻهن جي تذليل ۽ بدسلوڪي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته ڪرونا وائرس جي مريضن سان بهتر سلوڪ ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا 1200 ارب جي معاشي رليف پئڪيج ۽ 700 بلين جو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزير??عظ?? جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزير??عظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزير??عظ?? عمران خان ڪرونا جي موجو??ه صورتحال جي حوالي سان ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ۽ ڪرونا وائرس کان بچڻ ۽ ان جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.
فردوس عاشق اعواڻ جي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ
مضمون کا ماخذ : رومن دولت