اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن، اسلام ڪنهن به شعبي ۾ استحصال جي اجازت ناهي ڏيندو، صرف منافعو ڪمائڻ ئي ترجيح نه هجڻ گهرجي، اليٽ ازم (خواص جي حڪمراني جي دستور تي اعتقاد) معاشرن کي اڏوهي وانگر کائي رهيو آهي، اسلام آباد اليٽ ازم جو تصور نه آهي، ڪووڊ 19 مالياتي منڊين لاءِ چئلنيج جي حيثيت رکي ٿو، اسل??مڪ فن??نس??گ جو بنياد صرف ڏيڻ وٺڻ تي نه پر صلح رحمي تي آهي، عورتن ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ بئنڪنگ ۽ فن??نس??گ جون سهولتون وڌائڻ جي ضرو??ت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر 10 هين گلوبل اسل??مڪ فنانس ايوارڊ جي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو، صدر چيو ته ان تقريب جو انعقاد خوش آئنده آهي ان جي ذريعي اسل??مڪ فن??نس??گ جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن جو اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسلامي بئنڪاري ۽ مالياتي نظام کي سگهه ملي رهي آهي، پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ لاءِ به سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ 17 س??ڪڙو بئنڪاري اسلامي قانونن موجب ٿي رهي آهي، اسل??مڪ فن??نس??گ جو حصو گلوبل فن??نس??گ ۾ گهٽ آهي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيا ادارا اسلامي بئنڪاري کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام ۾ به ان حوالي سان ڪافي آگاهي ڏٺي وڃي ٿي.
اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena