اسلام آ??اد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جي ويزن موجب معاشري جي ڪمزور طبقن کي گهرن جي تعمير ۾ مدد ڏيڻ جي ڏس ۾ حڪومت کي اهم ڪاميابي ملي آهي. حڪومت پاران ناليواري تنظيم اخوت کي فراهم ڪيل 5 ارب رپين جي رقم جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم آف??س پاران جاري بيان موجب هيستائين ساڍا 7 ??زار (7572) گهرن جي تعمير جي لاءِ 3.35 ارب رپيا استعمال ۾ آندا ويا آهن ۽ هيستائين فراهم ڪيل رقم جي ريڪوري جو تناسب سئو سيڪڙو رهيو آهي. واپس ملندڙ رقم کي وڌيڪ خاندانن کي فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته 2416 وڌ??ڪ درخواستن تي ڪم جاري آهي، فائدو کڻندڙ خاندانن جي اڪثريت اهڙن ماڻهن تي ٻڌل آهي جن جا مالي وسيلا انتهائي محدود هئا. پروگرام مان فائدو کڻندڙ خاندانن وزيراعظم عمران خ??ن جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina