اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ ج?? ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ?? ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ ڊاڪٽر احمد نصير المحمد الاحمد الجابر الصباح جي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ٿيو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڪويت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن گڏي?? فائدي لاءِ ٻه طرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪست??ن ڪويت سان خوشگوار ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان ڀائر ملڪ ڪويت سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته تعليم، صحت ۽ سائنس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ج?? صلاحيت موجود آهي، پاڪست??ن ڪويت کي هنرمند افرادي قوت ۽ ٻين پيشيوراڻي ماڻهو مهيا ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته پاڪست??ن ڪويت کي فوجي اهلڪارن کي پنهنجي فوجي تربيتي ادارن ۾ تربيت فراهم ڪري سگهي ٿو.
پاڪستان ۽ ڪويت پاران ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر