اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ڊليوري يونٽ کي 32 وفاقي ادارن جي عوامي ڪچهرين جي پهرين ٽه ماهي رپورٽ ملي وئي آهي. وزيراعظم ڊليوري يونٽ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي 32 وفاقي ادارن 955 ڪچهريون منع??د ڪرايون، رپورٽ ۾ تعليم واري وزارت، مواصلات جي ذيلي ادارن، موٽر وي پوليس، اين ايڇ اي، نادرا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو آهي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن، ريلوي آفيسرن کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم ڊليوري يونٽ موجب وفاقي ادارن جي ڪچهرين ۾ 6911 شڪايتن مان 4842 ??ي حل ڪيو ويو، ڪيترين ئي عوامي ??ڪايتن کي ل??ڳا??يل آفيسرن ۽ ادارن ??ي حل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، وفاقي ادارن بابت عوامي ??گاهي بابت 10060 ماڻهن جي سوالن تي رهنمائي ڪئي وئي. عوامي ڪچهريون فيس بڪ لائيو ۽ سڌو سنئون ٽيليفون ڪالز تي ڪيون ويون، ادارن جي سربراهن عوامي ڪچهرين جو انعقاد ڪيو.
وفاقي ادارن جي عوامي ڪچهرين جي پهرين ٽه ماهي رپورٽ وزيراعظم ڊليوري يونٽ حوالي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے