استنبول – 16 آگسٽ (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ تر??ي جي وچ ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، تر?? واپاري ۽ سيڙپڪار پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻندي انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي، واپار، صنعت ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. صدر اهڙن خ??ال?? جو اظهار تر??ي جي ناليوارين ڪمپنين جي ڪاروباري وفدن سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن استنبول ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صنعتي گروپن سان گڏوگڏ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت ۽ اليڪٽرانڪس سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ تر?? ڪمپنين جي چيئرمين/ سي اي اوز تي ٻڌل هو. شرڪت ڪندڙن زورلو انرجي، ارسيلڪ، ايڪزاڪاب هولڊنگ، ويريپارڪ، ٽوبيساد (ترڪ انفارميٽڪس انڊسٽري ايسوسيئيشن) ۽ ٻاهرئين اقتصادي لاڳاپا بورڊ جي تر??ي پاڪستان بزنس ڪائونسل (ٽ?? پي بي سي) شا??ل هئا. جيو اڪنامڪس تي پاڪستان جو ڌيان اجاگر ڪندي صدر پاڪستان ۾ سيڙپڪار دوست ماحول ۽ ڪاروباري برادري کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن طرف ڌيان ڇڪرايو. وفد جي مختلف ميمبرن صدر کي پنهنجي لاڳاپيل ڪاروبار ۽ ممڪنه منصوبن بابت پڻ ٻڌايو جيڪي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ شروع ڪري سگهجن ٿا، تر?? واپارين پاڪستان کي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ ۾ مدد لاءِ پنهنجي مهارت ۽ مشاورتي مدد جي آڇ ڪئي. وفد صدر کي پاڪستان ۾ موجود تر?? سيڙپڪارن کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو جڏهن ته صدر انهن مسئلن جي جلد حل جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔