لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين کان 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو ملڪ آيو، افغانستان جي منجمند اثاثن کي کول??و وڃي، افغان عوام کي اڄ مالي ۽ انساني مدد جي ضرورت آهي، هو”پاڪستان هائوس لنڊن“ ۾ برطانيه جي پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن کي چوندس ته هو افغانستان جي مسئلي کي پارليامينٽ ۾ ضرور اجاگر ڪن، افغانستان ۾ عدم استحڪام توهان کي نظر اچي رهيو آهي اهو ??ڳو??ن ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري آهي. هن چيو ته افغانستان جي 34 صوبن ۾ طالبان کي ڪنهن مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پيو، تاشقند ۾ اشرف غني پاڪستان تي هروڀرو الزام لاڳايا ۽ پاڪستان کي صورتحال جي خرابي جو ذميدار قرار ڏنو، نائين اليون کانپوءِ اسان کان تقاضا ڪئي وئي ۽ اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اتحادي بڻجون، اسان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ۽ اسان کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان کڻڻو پيو، هن چيو ته اسان افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان حقيقتن کي دنيا جي سامهون رکيو، پرڏيهي وزير عالمي برادري کي چيو ته هو افغانستان کي اڪليو نه ڇڏي، افغانستان ۾ هڪ انساني بحران جنم وٺي رهيو آهي جيڪڏهن ان جو فوري ازالو نه ڪيوويو ته پناهگيرن جي يلغار کي منهن ڏيڻو پوندو. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته هن افغانستان ۾ عورتن کي برقي بنا ڪابل جي رستن تي ڏٺو آهي ۽ ٻارڙين کي اسڪول ويندي ڏٺو آهي ۽ منهنجي ڄاڻ موجب اڄ افغانستان جي اندر امن امان جي صورتحال بهتر آهي، اسان افغان شهرين جي مدد ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي وزير عالمي برادري کي چيو ته هو افغانين جي انساني بنيادن تي مدد ڪن ۽ ۽ افغانستان جي منجمند اثاثن کي کول??و وڃي، اڄ کين مالي ۽ انساني مدد جي ضرورت آهي. اڄ جيڪڏهن عالمي برادري هٿ پوئتي ??يو ته ان جي نتيجي ۾ ايندڙ تباهه ڪارين جو ذميدار ڪري هوندو؟. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ قائم ڪرڻ گڏيل ذميداري آهي. ڪشمير جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ٻن سالن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام بدترين ڀارتي گهيراءُ کي منهن ڏئي رهي آهي، سيد علي گيلاني جي مڙهه جي بي حرمتي ڪئي وئي، انساني حقن جي ڪوڙن چيمپيئ??ز ان جي خواهش موجب تدفين جي اجازت تائين نه ڏني. هن چيو ته ٺوس ثبوتن سان اسان 131 صحفن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ??يو جنهن ۾ ڀارتي قابض فوج جي جنگي ڏوهن جا ثبوت آهن. پاڪستاني برطانوي ڪميونٽي پاڪستان جي آواز کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته برطانوي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ٻٽي شهريت جي پابندي کي ختم ڪ??و وڃي ته جيئن وڌيڪ تجربيڪار ماڻهو پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ اچن، پرڏيهي وزير چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين کان 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو ملڪ آيو، هن چيو ته هلندڙ سال اسان 40 سالن کان گهٽ عمر جي ٻاهري?? ملڪ رهندڙ ڪامياب پاڪستانين جي حوصلا افزائي جو فيصلو ??يو آهي.
افغانستان جي منجمند اثاثن کي کوليو وڃي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز