لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل آزادي حاصل آهي، صحافت جي شعبي ۾ فيڪ ??يوز پکيڙڻ تمام آسان ٿي ويو آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ميديا ۾ توازن رکڻ ضروري آهي، مسلم دنيا ۾ پاڪستان جو ڪو مقابل نه آهي، اسان پنهنجي صحافتي آزادين جو تقابل ٿرڊ ورلڊ يا مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا، پاڪستان جڏهن ٺهيو ته دنيا جا مسلمان ان کي نشاط ثانيه جي طور تي ڏسي رهيا هئا، عورت ليڊرشپ پيدا ڪرڻ ۾ مسلمانن اهم ڪردار ادا ڪيو، ??ولانا محمد ??لي جوهر ۽ مولانا شوڪت ??لي صحافت جا روشن ستارا هئا، مولانا ظفر ??لي خان مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ج?? بهترين طريقو اهو آهي ته اسان صحافت ڪريون ذميواري سان. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر ??لي خان مرحوم جي 65 هين ورسيءَ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا ظفر ??لي خان مرحوم کي پاڪستان ۾ باباءِ صحافت چيو وڃي ٿو، ??و تحريڪ ??اڪستان جو اهم اڳواڻ هو. هن چيو ته اسان جي بزرگن تحريڪ ??اڪستان جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، 1946ع ۾ چوڌري اويس جهلم ضلعي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر رهيو، ??نهنجو چاچو چوڌري الطاف 1952ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر رهيو، ??ختلف حيثيتن سان هن تحريڪ ??اڪستان جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1870ع ۾ پهرين اخبار هيڪن گزٽ جي نالي سان ڪوڪلڪتا مان شايع ٿي، هندستان جي مختلف شهرن ۾ صحافت جو وڏو غلبو رهيو آهي، اتر انڊيا ۾ صحافت جو مرڪز لاهور هو، ??اهور مان تمام وڏيون اخبارون شايع ٿيون. هن چيو ته 1903ع ۾ مولانا ظفر ??لي خان جي والد زميندار اخبار شروع ڪئي. واشنگٽن ۾ قائم اخبارن ۽ ميڊيا بابت ميوزيم جي طرز تي اسان کي لاهور ۾ به ميوزيم ٺاهڻ گهرجي، لاهور ۾ اردو بازار تاريخي اهميت رکي ٿي، ڪتاب ۽ پرنٽنگ سان شرف رکندڙ ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا.
پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل آزادي حاصل آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے