اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي، ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) کي ??زيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ م??اس?? نمائندگي ڏئي ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳڻين مهارتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان سان ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) جي وفد هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعطم چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن کي ??اڪستان ۾ معياري صحت جي نظام جي فراهمي لاءِ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم اتر آمريڪا جي صحت جي شعبي ۾ اي پي پي اين اي جي خدمتن کي ساراهيندي ان تي زور ڏنو ته هو پاڪستان ۾ جديد ترين طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ وڌ کان وڌ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪارن کي ??توجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي طاقت جو استعمال ڪن. اي پي پي اين اي جي صدر ڊاڪٽر رضوان خالد ڪووڊ – 19 کي ??نهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي نمايان ڪامابين تي وزيراعظم کي ??بارڪباد ڏني، هن ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ??وٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي سهولتن لاءِ پاور آف اٽارني جي لاءِ آن لائين سسٽم قائم ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. هن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پاڪستان ۾ نه رڳو خيراتي ۽ فلاحي منصوبن ۾ پر صحت جي شعبي ۾ موثر پاليسي سازي ۾ به پنهنجو حصو وجهندا، هنن چيو ته انهن کي ان سلسلي ۾ سرڪاري تعاون ۽ سهولت جي ضرور?? آهي، وزيراعظم ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن کي ??دايت ڪئي ته هو اي پي پي اين اي کي ??زيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ م??اس?? نمائندگي ڏئي ڪري ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳڻي مها??ت مان فائدو حاصل ڪن، وزيراعظم پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ هڪ مخصوص ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به شامل هو.
وزيراعظم پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ