اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شه??از شريف جو سعودي عرب جو دورو عرب مثالي د??ستي جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو، چئن سالن جي گهٻراهٽ واري د??ر کانپوءِ پاڪستان جي د??ستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي محسن ۽ سعودي عرب جي ولد عهد شه??اده محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم شه??از شريف اڄ خميس تي حجاز مقدس روانو ٿي رهيو آهي ۽ مدينه منوره پهچندو، هن چيو ته 28 کان 30 اپريل جو اهو دورو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد شه??از شريف جو پهريون غير ملڪي د??رو آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي، پرجوش ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل تاريخي لاڳاپن جي تجديد جو مظهر آهي ۽ مثالي د??ستي جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو. هن چيو ته چئن سالن جي گهٻراهٽ جي د??ر کانپوءِ پاڪستان جي د??ستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جو ٻيهر آغاز مبارڪ هجي، عمره جي سعادت ۽ روضه رسول پاڪ ﷺ تي درود پڙهڻ جون برڪتون اسان سان گڏ هونديون، ??عودي عرب پاڪستان دوستي هميشه زنده باد.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو تاريخي باب کوليندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena