اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شيشپر گليشيئر ڍنڍ مان پاڻي خارج ٿيڻ ??ان ٿيندڙ تباهي تي هنگامي قدمن جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ع??ام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم متاثر ع??ائ??ن ۾ خوراڪ، دوائون ۽ ضروري هنگامي سامان پهچائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم وفاقي ادارن کي گلگت بلتستان جي حڪومت جي ڀرپور معاونت جو حڪم ڏيندي نقصانن ۽ متاثر ع??ام جي حوالي ??ان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم شاهراهه قراقرم تي حسن آباد پل ڪري پوڻ سبب متبادل رستو اختيار ڪرڻ، زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي نظام جي تباهي ??ان نقصانن، 2 بجلي گهر متاثر ٿيڻ جو ڪاٿو لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪندي 700 ۽ 250 ميگاواٽ بجلي گهرن جي جنگي بنيادن ت?? بحالي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي گهرن ج?? بحالي، مرمت تي خرچ وفاقي حڪومت ادا ڪندي، شاهراهه قراقرم کي ٿيندڙ نقصان بابت پڻ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثر ع??ام جي ڀرپور هنگامي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزيراعظم متاثر خاندانن ??ان نقصانن تي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران شيشپر گليشيئر ڍنڍ مان پاڻي خارج ٿيڻ سان ٿيندڙ تباهي تي هنگامي قدمن جو حڪم
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔