اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي ??ڪومت ايل اين جي جا ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪرڻ ۾ مجرماڻي ??فلت ڪئي آهي جنهن جي ڪري اڄ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ درپيش آهي، انشاءَ الله قوم کي هن مشڪل مان ڪڍنداسين، اڳوڻي ??ڪومت سستي گئس خريد ڪرڻ جو موقعو ڄاڻي واڻي وڃايو، لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ اسان جي ذميواري آهي، قطر سان ڪيل شفاف معاهدي کي اڳوڻي ??ڪومت تنقيد جو نشانو بڻايو، اڳوڻي ??ڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي. ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزي??اع??م چيو ته لوڊشيڊنگ ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي ڪوششن جا اڃا تائين خاطرخواهه نتيجا نه نڪري رهيا آهن، گذريل حڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي، بند پيل پلانٽس کي اسان جي حڪومت سخت محنت سان مرمت ڪري هلايو. هن ??يو ته هن وقت ٻارڻ جو تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، تيل ۽ گئس جون قي??تون عالمي منڊين ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بلند تري?? سطح تي آهن، اسان کي اهو سوچڻو پوندو آهي ته ايتري مهانگي تيل ۽ گئس تي بجلي ٺاهيون ته ان تي ڪيترو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيندو، اسان هڪ هڪ پئسو بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي ??هيا آهيون، اسان خام مال ۽ مشينري جي درآمد تي پابندي هنئي ته جيئن اڍائي کان ٽي ارب ڊالر ساليانو بچت ٿي سگهي. هن ??يو ته عالمي منڊي ۾ تيل ۽ گئس جون قي??تون بلند تري?? سطح تي ٿيڻ جي ڪري اسان ايل اين جي جي لاءِ جيڪي ٽينڊر ڏنا ان ۾ ڪجهه ٽينڊرز ۾ ڪا بڊ ئي ناهي آئي، جيڪا بڊ آئي ان ۾ 40 ڊالر في يونٽ گئس مهانگي ملي رهي آهي. هن ??يو ته ان جي سببن کان اسان سٺي طرح آگاهه آهيون جڏهن ته ان بحران مان پاڪستان کي ڪڍنداسين. هن ??يو ته گذريل حڪومت پنهنجي سياسي مخالفن کي ديوار سان لڳائڻ جي لاءِ لڳايل وقت جو اڌ به ان تي هڻي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن ??يو ته نواز شريف جي دور ۾ اسان 13 ڊالر جو معاهدو ڪيو جڏهن ته ان تي ايتري الزام بازي ڪئي وئي ته قطر ان شفاف معاهدي تي تنقيد جي ڪري پريشان ٿي ويو، اسان اهو معاهدو 15 سالن جي لاءِ جڏهن ته 10.4 ڊالر تي 5 سالن جي لاءِ معاهدو ڪيو. هن ??يو ته جيڪڏهن ??ذريل حڪومت ڊگهي مدي وارا معاهدا ڪري ها ته اڄ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها، هن ??ئس خريداري ۾ مجرماڻي ??فلت ڪئي، 6.5 ڊالر ۾ ڊگهي مدي وارا معاهدا نه ڪيا، ان ۾ ايتري سياسي بصيرت به نه هئي، اسان ڏينهن رات سخت ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته ان تي ضابطو آڻيون. وزي??اع??م چيو ته جيڪڏهن بجلي نه هجي ته عوام بددعائون ڏيندي آهي ۽ جيڪڏهن انڊسٽري کي گئس نه ملي ته روانگي واکار ڏچڪو لڳي ٿو، هي هڪ مشڪل چئلينج آهي ان جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن ??يو ته عظيم دوست چين جي تعاون سان سي پيڪ تحت ڪوئلي جا پلانٽ لڳا آهن، آفريقا ۾ هن وقت ڪوئلي جون قي??تون بلند تري?? سطح تي آهن، مشڪل صورتحال مان الله چاهيو ته ضرور نڪرنداسين. هن ??يو ته چين جي حوالي سان ريوالونگ اڪائونٽس نه کولڻ تي چين کي گذريل هڪومت جي ان قدم تي اعتراض هو، سيمنز ڪمپني ساڍا 12 سئو ميگاواٽ جو پلانٽ لڳايو، اڍائي سال اڳ اهو پلانٽ هلڻ گهرجي ها پر بند پيو آهي، جنهن جي ڪري 30 کان 40 ارب رپيا ضايع ٿيا، پن بجلي جي منصوبن ۾ ڄاڻي واڻي ??ير ڪئي وئي، اهو چئلينج اسان کي ورثي ۾ مليو، ان کي اسان کي حل ڪري پاڪستان کي ان بحران مان ڪڍڻو آهي اهو وقت پري نه آهي جڏهن لوڊشيڊنگ گهٽ ٿيندي. وزي??اع??م چيو ته اسان کي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي.
اڳوڻي حڪومت جي مجرماڻي غفلت سبب اڄ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ درپيش آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج