اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثر عوام جي حالتن تي انتهائي ڏک آهي، حڪومت جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچندي، عالمي ادارا ٻوڏ متاثرين جي ??دد جي ??اءِ اڳتي اچن، اڪيلي حڪومت متاثر علائقن ۾ مڪمل بحالي جو ڪم نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثرين جي ??دد جي ??اءِ انٽرنيشنل پارٽنرز سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز سميت چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي ??مائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن جي ??ختلف ذيلي ادارن، صحت جي عالمي اداري جا نمائندا پڻ اجلاس ?? شريڪ ٿيا. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تاريخي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ ۾ ايمرجنسي جي صورتحال آهي، وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿيو آهي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، گهرن، ملڪيتن کانسواءِ فصل، باغ ۽ انفراسٽرڪچر جو نالو نشان ختم ٿي ويو آهي، رابطي جا رستا، پليون وهي وڃڻ ۽ زميني رستو ڪٽجي ??ڃڻ جي ڪري ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، پاڪ فوج ۽ هيليڪاپٽرز جي ??دد سان ريسڪيو ۽ ريليف جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته 2010ع کان به وڌيڪ ٻوڏ تباهي مچائي آهي، خوراڪ، دوائن، خيمن، عارضي پناهگاهن جي ??تاثرين کي سخت ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت، صوبن، مرڪزي ۽ صوبائي کاتن جي حصيداري سان ڪم ڪري رهي آهي، فوري طور تي 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، هر فوت ٿيندڙ خاندان کي 10 لک رپين جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي، 25 هزار رپين جي ??وڏ متاثرين کي فوري روڪ ادائيگي ڪئي پئي وڃي جنهن تي 80 ارب رپيا خرچ ايندو، مجموعي طور تي 37 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثرين تي خرچ ٿيندي. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهي جو ڪاٿو ايترو وڌيڪ آهي جو اڪيلي وفاقي يا صوبائي حڪومتون متاثرين کي مڪمل بحال نه ٿيون ڪري سگهن، عالمي ادارن، تنظيمن، ملڪن ۽ مالياتي ادارن جو هن??امي تعاون گهربل آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ??ڏي حصي کي اڳ ۾ ئي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، پهرين ڏينهن کان ذاتي طور تي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جي ??گراني ڪري رهيو آهيان، وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع قائم ڪيو آهي ته جيئن متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ وڌيڪ تيزي اچي. هن چيو ته عالمي مالياتي ادارن، تنظيمن جي ??دد سان متاثرين جي ??دد ۾ وڏي مدد ملندي، فوج، سرڪاري ادارا، شهري خدمتن جا ادارا، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ رضاڪار مشڪل حالتن ۾ وڏي جذبي سان ڪم ڪري رهيا آهن، متاثرين جي ??دد ڪندڙ سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ٻوڏ جي ??تيجي ۾ عوام کي پيش ايندر مشڪل حالتن تي دل انتهائي ڏکويل آه??، جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم انٽرنيشنل پارٽنرز کي اپيل ڪئي ته اهي وسيلن جي دستيابي سان اسان جي ??دد ڪن. هن چيو ته طبي عملي سميت درپيش حالتن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ ضروري شين جي ??راهمي گهربل آهي. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي متاثر علائقن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان حڪومت تباهه حال علائقن ۾ انٽرنيشنل پارٽنرز جي دوري جا انتظام ڪندي.
ٻوڏ متاثر عوام جي حالتن تي انتهائي ڏک آهي، حڪومت جلد کان جلد هر متاثر پاڪستاني تائين پهچندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ