اسلام آباد – 24 ??? آ??ٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لازمي آهي، ٻار ??لڪ جو مستقبل آهن ۽ نئين نسل جي تعمير ۽ تربيت ئي ملڪي ترقي جا ??ام?? آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ايوان صدر ۾ غيرسرڪاري تنظيم ليفٽ ويلفيئر فائونڊيسشن جي اهتمام هيٺ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته غيررسمي تعليم کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي. ٻارن کي هتي کلندي ڏسي دلي سڪون ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي. خاتون اول چيو ته اسان تعليم جي سڀ کان وڏي بحران مان گذري رهيا آهيون. اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي ضرورتن کي تسليم ڪندي ??نهن جي حوصلا افزائي جي لاءِ هتي موجود آهيون ۽ انهن ٻارن کي هتي ڏسي ان ڳالهه جو به اطمينان ٿيو ته اسان جا اهي ٻار ??لڪ جو مستقبل روشن ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي ٻار ??لڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. بيگم ثمينه عارف چيو ته يونيسيف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن وقت 5 سالن کان وٺي 16 سالن تائين جي عمر جي 22.8 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي. اسان کي پنهنجي محدود وسيلن سان انهن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ گهرجي. خاتون اول چيو ته ملڪ ۾ تعليم خاص طور تي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هر ٻار ۽ ٻارڙي کي تعليم يافته هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڇوڪرين جي تعليم کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي پڙهائڻ جو نظريو تمام سٺو آهي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته انسانيت جي خدمت هڪ سٺو ڪم آهي، ٻار ??لڪ جو مستقبل آهن، ملڪ جي ترقي جو دارومدار انهن تي ئي آهي. اسڪولن کان ٻاهر ٻار ??عاشري ۾ اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. تعليمي شعبي ۾ پنهنجي خدمتن جو ذڪر ڪندي ??اتون اول چيو ته هن ٻارڙين جي تعليم جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي آهي. گادي واري شهر سميت سڄي ملڪ ۾ ناخواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان وٽ قدرن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي، ٻارن کي منشيات کان بچائڻ به لازمي آهي. هن ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن کي خاطري ڪرائي ته انهن اسڪولن ٻاهر ٻارن جي تعليم لاءِ معاونت ڪئي وڃي. تقريب کي ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن جي صدر عروج ملڪ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عاصمه ملڪ ۽ عظميٰ توفيق به خطاب ڪيو. تقريب جي آخر ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ تي مختلف شخ??يت??ن ۽ تعليم پرائيندڙ ٻارن ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.
پاڪستان جي ترقي لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لازمي آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری