اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪ??ي جنهن ۾ هن گڏيل عرب امارات جي 51 هين قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏني. پا??ستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻنهي اڳواڻن خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي باني صدر، شيخ زيد بن سلطان النهيان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو بنياد رکڻ ۾ ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪيو. شيخ زيد بن سلطان النهيان پا??ستان جو باقاعده دورو ڪندو هو ۽ پا??ستان ۾ سماجي شعبي ۾ مختلف فلاحي منصوبن جي مالي معاونت پڻ ڪندو هو، شيخ زيد اسپتال پا??ستان جي لاءِ ان جي خدمتن جو بهترين م??ال آهي، ان جو ان جي فلاحي ڪمن جي لا??ِ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم پا??ستان ۾ بوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ پا??ستان جي مالي ۽ امدادي شين جي صورت ۾ امداد تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. گڏيل عرب امارات جي صدر وزيراعظم پاران مبارڪباد جي آجيان ڪئي ۽ پا??ستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر کي پا??ستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي شيخ محمد بن زيد النهيان قبول ڪري ورتو. پا??ستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل قدرن ۽ ثقافت سان مضبوطي سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پا??ستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.
وزيراعظم ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل