اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير حنا رباني کر 5 کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊيمنارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته م??لڪ??ي وزير ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ وزارتي ??طح تي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندي. هوءَ قانونسازن ۽ مقامي واپارين سان پ?? ملاقات ڪندي. حنا رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي سينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ م??لڪ??ي وزير پرڏيهي لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندڙ طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يورپ جي اهم فيصلاسازن، ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 5 کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊيمنارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil