اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽيڪ جي مي??بر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و آهي ته ان سان مسلمان ملڪن کي مختلف شعبن ۾ درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، هن وقت اوپن سورس علم جي ڪثرت موجود آهي جنهن مان مسلمان ملڪن کي مڪمل طور تي فائدو کڻڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون (ڪامسٽيڪ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سائينٽفڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامسٽيڪ جو ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر ايم اقبال چوڌري وفد جي قيادت ڪري رهيو هو. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ٿيندڙ ترقي جي ڪري دنيا تيزي سان تبديلين مان گذري رهي آهي ۽ اسلامي ملڪن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته علم جي دستيابي ۽ جمهوريت وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا آهن جنهن مان مسلمان ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. صدر مصنوعي ذهانت جهڙي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز مان فائدو کڻڻ سان گڏوگڏ تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ مسلمان ملڪن کي درپيش مسئلن جا حل ڳولڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ڪامسٽيڪ جي سائنسي مشاورتي طريقيڪار سان او آءِ سي جي مي??بر ملڪن جي قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. وفد صدر کي او آءِ سي جي مي??بر ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪامسٽيڪ پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن اعليٰ تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ چئلينجز ۽ موقعن تي روشني ??ڌي ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون پڻ ڏنيون. صدر شرڪت ڪندڙن پاران پيش ڪيل خيالن سان گڏوگڏ ڪامسٽيڪ پاران مي??بر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.
ڪامسٽيڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ سائنسي تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر