اسلام آباد- 27 جولاءِ ( اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي ايڪنڪ 1200 ميگاواٽ جي حامل چشما نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 منصوبي سميت اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي ايڪنڪ جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوا، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود پاشا، وفاقي سيڪريٽريز، سينيئر آفيسرن ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راولپنڊيءَ کان ڪهوٽا تائين 28.4 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ کي ٻٽو ڪرڻ سميت سهاله ريلوي پاس تي 4 لين پُل جي تعمير جي سلسلي ۾ مواصلات واري وزارت منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. منصوبي تي 23545.021 ملين رپيا لاڳت ايندا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 50-50 جي بنياد تي ان لاءِ فنڊز فراهم ڪندا. جڏهن ته اين ايڇ اي ان م??صوبي کي مڪمل ڪندي. اجلاس ۾ دفاعي پيداوار واري وزارت جو ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس انفراسٽرڪچر منصوبي جي پڻ منظوري ڏني. ان م??صوبي جي نظرثاني ٿيل لاڳت 10689.807 ملين رپيا آهي، جنهن ۾ 4934.56 ملين رپين جي غير ملڪي معاونت شامل آهي. اجلاس ۾ 45 ڪلوميٽر ڊگهي عبدالخيل، داعي- ڪلر ڪوٽ روڊ جي تعمير جي منظوري ڏني وئ??. ان م??صوبي تي 14257.29 ملين رپين جي ل??ڳت ايندي. هي منصوبو اين ايڇ اي مڪمل ڪندو. وفاق ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پاڻي وسيلن واري وزارت جي ضلعي خاران ۾ گورک اسٽوريج ڊيم منصوبي جي منظوري ڏني وئ??. ان م??صوبي تي 27753.76 ملين رپيا لاڳت ايندي. ايڪنڪ جي اجلاس ۾ نصير آباد ضلعي ۾ پٽ فيڊر ڪينال سسٽم جي ري ??اڊ??نگ منصوبي جي منظوري ڏني وئ??، ان م??صوبي تي 61793.36 ملين رپيا لاڳت ايندي. وفاق ۽ صوبو 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چشمي نيو ڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 جي منظوري ڏني وئ??. ان م??صوبي تي 1047988.84 ملين رپيا لاڳت ايندي. ان م??صوبي ل??ءِ 187098.9 غير ملڪي ۽ 820742.99 ملين رپيا چيني قرض حاصل ڪيو ويندو. منصوبي تحت ميانوالي ۾ 1200 ميگاواٽ جو نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ تعمير ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ بحاليءَ جي منصوبن جي منظوري ڏني وئ?? آهي. جنهن تي 12338.294 ملين رپين جي ل??ڳت ايندي. اجلاس ۾ پلاننگ ڪميشن جي انويسٽمينٽ پراجيڪٽ فانسنگ ڪمپونينٽ پاڪستان ريزيز روينيو پراجيڪٽ جي منظوري پڻ ڏني وئ??، ان م??صوبي تي 21518.677 ملين رپيا لاڳت ايندي. عالمي ب??نڪ ان م??صوبي ل??ءِ 80 ملين ڊالرن جو قرض فراهم ڪندو.
ايڪنڪ 1200 ميگاواٽ جي حامل نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 منصوبي سميت اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز