اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام کي جيڪي بل مليا اهي جولاءِ جا آهن، نگران حڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران اسان کي ان مسئلي جي حل طرف اچڻ گهرجي، ان بحث ۾ نه ٿا وڃ?? چاهيون ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جو ذميوار ڪير آهي، اسان جو ڌيان عوام کي ريليف ڏيڻ تي آهي، اسان ذميوار آئيني نگران حڪومت آهيون، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اسان ان مسئلي جو نوٽيس ??اهي ورتو، سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان مسئلي تي ڳ??له?? ٿيندي، اميد آهي عوام کي ريليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ??ي وي چينل جي ??روگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم ٻه ڏينهن اڳ بجلي جي بلن ۾ اضافي جو نوٽيس ??رتو، اڄ به بجلي جي بلن جي حوالي سان لاڳاپيل ڌرين سان اجلاس منعقد ڪيو. هن چيو ته ان ڳ??له?? تي غور ڪيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي ماڻهن کي ڪهڙو ريليف ڏئي سگهجي ??و. هن چيو ته ميديا کي بجلي جي بلن ۾ اضافي جي سببن کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي سياسي درجه حرارت وڌيڪ آهي، اسان ان کي گهٽ ڪر?? چاهيون ٿا، ان بحث ۾ نه ٿا وڃ?? چاهيون ته ڪير ذميوار آهي. هن چيو ته اسان کي سمورين پارٽين سان گڏجي چونڊن کي يقيني، پرامن ۽ منصفاڻو بڻائڻو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته عوام جا ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران اسان کي ان مسئلي جي حل طرف وڃڻ گهرجي، اسان کي پرامن احتجاج ۽ پرتشدد احتجاج جي ??رق کي سمجهڻو پوندو. هن چيو ته عوام ڊسڪوز جي ??لازمن تي تشدد ڪرڻ بدران ان مسئلي جي حل طرف اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت جي ??دي جو تعين اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ??يصلن جي روشني ۾ آئين جي آرٽيڪل 51 تحت چونڊن جي حوالي سان پورو شيڊيول پنهنجي ??يب سائيٽ تي جاري ڪيو آهي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جي اعلان ڪيل تاريخ تي پرامن شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊن کي يقيني بڻائينداسين ۽ ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي ??ر ممڪن مدد ڪئي ويندي.
عوام کي مليل بل جولاءِ جا آهن، نگران حڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران اسان کي ان مسئلي جي حل طرف اچڻ گهرجي، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جو ذميوار ڪير آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال