اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??ين??ٽ جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ريڊيو پاڪستان جي زمين ليز تي ڏيڻ بابت تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتا، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشنز ۽ ڪميوٽيشنز جي ا??ائيگي، حڪومتي ا??تهارن جا خرچ ۽ انفارميشن سروسز ا??يڊ??ي جي آپريشنز، فنڪشنز ۽ ڪارڪردگي بات تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. ??ين??ٽ جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، ڪميٽي جي ميمبرن ??ين??ٽرز سيد وقار مهدي، انور لال دين، طاهر بزنجو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان ۽ لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي ميڊيا منظرنامي بابت اهم مسئلن تي غور ڪيو ويو جڏهن ته ??ين??ٽر سيد وقار مهدي ريڊيو پاڪستان جي زمين، اثاثن جي ا??تعمال ۽ انجي نجڪاري جي معاملن جي جاچ جي لاءِ خصوصي طور تي جوڙيل ذيلي ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان ريڊيو جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشنز ۽ ڪميوٽيشن جي معاملي تي رپورٽ پيش ڪئي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته اپريل، مئي، جون ۽ جولاءِ جي مهينن جي پينشن ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن کي ا??ا ڪئي وئي آهي پر ڪميوٽيشنز جي مد ۾ 1.25 ارب رپين جي رقم باقي آهي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان ڪميٽي کي ريديو پاڪستان جي زمين ليز تي ڏيڻ جي حوالي سان جاري اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سان ان ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي جڏهن ته قيمتن کي حتمي شڪل ڏيڻ اڃا باقي آهي. ڪميٽي ڄاڻايل معاهدي جي شرطن ۽ ضابطن، ليز تي ڏني ويندڙ زمين جي جڳهه ۽ قيمتن جا تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ تي زور ڏنو. ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته اهو معاهدو حڪومت سان حڪومت جو ٿيندو. ڪميٽي کي وفاقي حڪومت جي ا??تهارن جي خرچن بابت تفصيلن کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پهرين مارچ 2022ع کان 31 آگسٽ 2023ع تائين اليڪٽرانڪ، پرنٽ، ڊيجيٽل ۽ آئوٽ ڊور خرچن جي تفصيل بابت آگاهه ڪيو ويو. ڪميٽي جي چيئرپرسن ??ين??ٽر فوزيه ارشد ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اشتهار بنا فرق جي ورڇ ڪرڻ گهرجن. اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پنهنجي دور ۾ اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ جو واعدو ڪيو. اسلام آباد ۾ انفارميشن سروسز ا??يڊ??ي جي آپريشنز، فنڪشنز ۽ ڪارڪردگي بابت ڪميٽي کي ٺوس بريفنگ ڏني وئي. لاڳاپيل عملدارن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته انفارميشن سروسز ا??يڊ??ي اهو واحد ادارو آهي جيڪو سرڪاري ا??ارن ۽ پرائيويٽ ميڊيا پروفيشنلز کي مختلف بيٽس ۾ ??رب??ت فراهم ڪري ٿو جڏهن ته هي ا??ارو جديد ترين سهولتن ۽ اسٽوڊيوز سان ليس آهي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ا??يڊ??ي ا??ليٰ درجي جي نجي ۽ سرڪاري ا??ارن مان ماهرن جون خدمتون حاصل ڪري ٿي جن ۾ اهل ۽ تجربيڪار حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ماهر به شامل آهن.
سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران ريڊيو پاڪستان جي زمين ليز تي ڏيڻ بابت تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ طلب
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے