اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ اسپتال تي اسرائي??ي حملي جي شديد مذمت ڪندي عالمي برادري تي زو?? ڏنو آهي ته هو اسرائيل کي بيگناهه فلسطينين جي قتلام کان روڪي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي اسپتال تي اسرائي??ي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسپتالن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي. عالمي انسا??ي قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي زو?? ڀريون ٿا ته اها تشدد کي روڪڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سي??ريٽري سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي زو?? ڏنو ته عالمي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪري.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران غزه ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania