اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀا??تي پارليامينٽ پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل بابت قانونسازي جي فيصلي کي ڀا??تي قبضي کي برقرار رکڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??اڻ??ن کي ا??هن جي خودمختياري جي حق کان محروم ڪرڻ جو هڪ ٻيو فريب قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي ا??نگن موجب ٿيڻو آهي. هن چيو ته ڪو ٻيو عمل ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو متبادل نٿو ٿي سگهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي قبضي کي ڪڏهن تسليم نه ڪيو، اسان ڪنهن به اهڙي قدم کي واضح طور ت?? رد ڪريون ٿا جيڪو ڀارت جي قبضي کي برقرار رکندو هجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ جي ڪيترن ئي قدمن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، پاڪستان انهن قدمن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ ان ک?? رد ڪري ٿو ڇو ته اهي ڪشميرين کي ا??هن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا. ترجمان چيو ته اهي قدم عالمي ا??ساني قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي پڻ واضح خلاف ورزي آهن، ڀارت کي ا??هن غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي، والاريل ڪشمير جي ??اڻ??ن کي ريليف ڏيڻ گهرجي ۽ امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ مثبت ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفا??تي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڀارتي پارليامينٽ جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل بابت قانونسازي جو فيصلو هڪ ٻيو فريب قرار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ