مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سف??رتي مدد جاري رکندو. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي نگران ??زي??اعظم آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??زي??اعظم چوڌري انوارالحق ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران ??زي??اعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير مسئلي جو حتمي ۽ منصفاڻو حل رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? قراردادن موجب آزاد ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم تحت ممڪن آهي. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪنهن کان لڪل نه آهن، معصوم ڪشميرين تي ٿ??ند?? ڀارتي ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي ڳڻتي جوڳي ۽ مذمت جوڳي آهي. نگران ??زي??اعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سف??رتي مدد جاري رکندو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي ??زي??اعظم ۽ اسپيڪر نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي مظفرآباد جي دوري کي خوش آئنده قرار ڏنو. هنن چيو ته ڀارت کي نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي مظفرآباد اچڻ سان واضح پيغام پهچي ويو آهي ته پاڪستاني ۽ ڪشميري ڀينرن ڀائرن جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون.
پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania