اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان عام چونڊون پرا??ن ۽ ڪاميابي سان منعقد ڪيون آهن، مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي عزم ??حت چونڊن جو بندوبست ڪيو ويو، عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ تنظيمن جا بيان ناقابل ترديد حقيقن کي نظرانداز ڪن ٿا، انٽرنيٽ جي بندش دهشتگردي کان بچڻ لاءِ هئي. جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? چيو ته عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ تنظيمن جي بيانن کي ڏٺو آهي، انهن بيانن ۾ ناڪاري لهجي تي حيرانگي ٿي آهي، ڪجهه بيان چونڊ عمل جي پيچيدگي کي نظر ۾ نٿا رکن ۽ نه ئي ڪروڙين پاڪستانين جي ووٽ جي حق جي آزاداڻي ۽ پراجوش استعمال کي تسليم ڪن ٿا، اهي بيان ناقابل ترديد حقيقتن کي نظرانداز ڪن ٿا. تر??ما?? چيو ته عام چونڊون پرا??ن ۽ ڪاميابي سان ٿيون آهن، غير ملڪي اسپانسر ٿيل دهشتگردي کان سيڪيورٽي کي درپيش خطرن کي منهن ڏنو ويو. تر??ما?? چيو ته ڪجهه بيانن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ بندش نه هئي صرف چونڊن واري ڏينهن موبائيل سروس کي بند ڪيو ويو ته جيئن ڪنهن به دهشتگردي جي واقعي کان بچي سگهجي. چونڊ مشق ان حوالي سان خدشن کي غلط ثابت ڪيو آهي. پاڪستان پنهنجي واعدي موجب هڪ مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ چونڊن جو بندوبست ڪيو آهي. تر??ما?? چيو ته اسان پنهنجي دوستن طرفان تعميري تنقيد کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، چونڊ عمل جي تڪميل سان ناڪاري بيان نه ته تعميري ۽ نه ئي بامقصد آهن، تر??ما?? چيو ته پاڪستان ??تح??ڪ جمهوري سياست لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندو. هر چونڊ ۽ اقتدار جي منتقلي اسان کي هن منزل جي ويجهو ڪندي. هن چيو ته اسان اهو ڪم ڪنهن ٻي جي خدشن سبب نه پر پنهنجي عوام جي خواهشن ۽ اسان جي بانين جي ويزن موجب ڪري رهيا آهن.
عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ تنظيمن جا بيان ناقابل ترديد حقيقن کي نظرانداز ڪن ٿا، انٽرنيٽ جي بندش دهشتگردي کان بچڻ لاءِ هئي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی