اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي ماحول??ات?? خطرن ??ان بچائڻ جي لاءِ پوري قوم کي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ موسم??ات?? خطرن جو سڀ ??ان وڌيڪ شڪار پنجون ملڪ آهي، موسم??ات?? تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آگاهي ضروري آهي، ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي 5 سيڪڙو آهي، هلندڙ سال ٻوٽا لڳائڻ جو هدف ٻيڻو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ?? بهار جي موسم جي ملڪ گير وڻڪاري مهم جي شروعات جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ موجود هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن ٻ??ٽو لڳائي پوري ملڪ ۾ بهار جي موسم جي وڻڪاري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اسان جي گذريل حڪومت سڄي ملڪ ۾ وڻ لڳائڻ جو جيڪو هدف مقرر ڪيو هو، هلندڙ سال لڳايا ويندڙ ٻوٽن جو انگ ٻيڻو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مجموعي ايراضي جي لحاظ ??ان ٻيلن جو تناسب رڳو 5 سيڪڙو آهي، عالمي ماحول??ات?? رسڪ انڊيڪس رپورٽ موجب پاڪستان موسم??ات?? خطرن جو سڀ ??ان وڌيڪ شڪار دنيا ۾ پنجون ملڪ آهي. هن چيو ته 1999ع ??ان 2018ع دوران موسم??ات?? تبديلين جي ڪري 10 هزار قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ اسان جي معيشت کي اربين ڊالر جو نقصان ٿيو، ان جي لاءِ تعليمي ادارن ۾ پڻ ان خطري ??ان آگاهي فراهم ڪرڻ ضروري آهي ۽ وڻڪاري مهم کي پوري ملڪ ۾ ڦهلائڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته پوري قوم کي گهرجي ته ملڪ کي ماحول??ات?? خطرن ??ان بچائڻ ۽ صحتمند ماحول مهيا ڪرڻ جي لاءِ وڻڪاري جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ته جيئن پاڪستان هر قسم جي ماحول??ات?? آلودگي ۽ ماحول??ات?? خطرن ??ان محفوظ رهي. ان ??ان اڳ وزيراعظم پي ايم هائوس ?? ٻ??ٽو هڻي بهار جي موسم جي ملڪ گير وڻڪاري مهم شروعات ڪئي. واضح رهي ته هلندڙ سال 2024ع ۾ بهار جي موسم مهم دوران سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 5 ڪروڙ 43 لک 80 هزار ٻوٽا هنيا ويندا، 2023ع جي برسات جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران 4 ڪروڙ 90 لک ??ان وڌيڪ ٻوٽا هنيا ويا هئا. بهار جي موسم جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 41 لک، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 17 لک 20 هزار، خيبرپختونخواهه ۾ 57 لک 10 هزار، بلوچستان ۾ 30 لک، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ هڪ ڪروڙ 18 لک 50 هزار ۽ گلگت بلتستان ۾ 80 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. 2023ع جي موسم جي برسات جي وڻڪاري مهم دوران پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 46 لک 20 هزار، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک 80 هزار، بلوچستان ۾ 10 لک 60 هزار، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 33 لک ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 لک 60 هزار ٻوٽا لڳايا ويا.
پاڪستان دنيا ۾ موسمياتي خطرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار پنجون ملڪ آهي، موسمياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آگاهي ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار