اسلام آباد ??? 01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ??ني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن جي حوالي سا?? معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي ان ڪري هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن هتي هر ميمبر جو فارم 45 ۽ فارم 47 چيڪ نٿو ڪري سگهجي، اسان وٽ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کان علاوه ٻيو ڪو ذريعو ناهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ تي سني اتحاد ڪونسل ايوان ۾ هنگامه ??رائي ڪئي. عمر ايوب خان جي اعتراض واري نقطي تي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته ??نهن سمورن ميمبرن جن جو قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سا?? اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي اهي ان ايوان جا معزز ميمبر آهن. عمر ايوب خان چيو ته ??هو ايوان مڪمل ناهي. اسان گذريل ڏينهن پڻ ڳالهه ڪئي هئي ته ??سپيڪر ان حوالي سا?? رولنگ ڏي. چونڊ عمل اسانجي عورت ميمبرن جي عدم موجودگي ۾ قانون خلاف آهي. اسان انصاف ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا. بيرسٽر گوهر علي خان اعتراض واري نقطي تي چيو ته ??ئين جو آرٽيڪل 51 تقضا ڪري ٿو ته ??يوان مڪمل هجڻ گهرجي، اسپيڪر ان حوالي سا?? رولنگ ڏي. جمهوريت ۾ هر ووٽ جي اهميت هوندي آهي. اسپيڪر چيو ته ??ليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کان علاوه اسيمبلي سيڪريٽريٽ وٽ ڪو ٻيو ذريعو ناهي. اليڪشن ڪميشن خودمختيار ادارو آهي. اسان ميمبرن جا فارم 45 چيڪ نٿا ڪري سگهون. بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته ??سان اسپيڪر سا?? فارم 47 ۽ فارم 45 جي ڳالهه ناهي ڪئي. اسان رڳو پنهنجي مخوصوص سيٽن جي حوالي سا?? اسپيڪر جي رولنگ چاهيون ٿا. راڻا تنوير حسين چيو ته 2018 جو اليڪشن بدترين ڌانڌلي وارو اليڪشن هو. ان وقت مسلم ليگ (ن) جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو سني اتحاد ڪونسل ته پنهنجي پارٽي جي فورم تان اليڪشن ناهي وڙهي. انهن کي گهرجي ته ??ليڪشن ڪميشن سا?? رابطو ڪن. اسپيڪر رولنگ ڏني ته مخصوص سيٽن جي حوالي سا?? سني اتحاد ڪونسل اليڪشن ڪميشن سا?? رابطو ڪيو آهي، هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن، ان سلسلي ۾ اصل فورم اليڪشن ڪميشن ئي آهي.
سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جو معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي: اسپيڪر قومي اسيمبلي
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ