دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ??تا??ي وفد سان گڏ تاجڪ??تا?? جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوشنبي ايئرپورٽ تي تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده، توانائي ۽ پاڻي وسيلن واري تاجڪ وزير دلير جمعه، تاجڪ پرڏيهي نائب وزير فرخ شريف زاده، دوشنبي جي ميئر جمشيد تبرزاده ۽ پاڪ??تا?? ۾ تاجڪ??تا?? جي سفير يوسف شريف زاده، تاجڪ??تا?? ۾ پاڪ??تا?? جي سفير محمد سعيد سرور ۽ اعليٰ سرڪاري ۽ سفار??ي عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
دوشنبي ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪ هم منصب قاهر رسول زاده ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف دوشنبي ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار پهتو ۽ اتي گل رکيا. اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي تاريخي شخصيت ۽ تاجڪ??تا?? جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تاجڪ??تا?? ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي تاريخي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو.