اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي، ته ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي باري ۾ هلايل منظم مهم جي ٽوڙ ڪرڻ لاءِ ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي توجهه ڏني وڃي. اهڙو اظهار هن سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي ليڊر ۽ سينيٽ جي پرڏ??هي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي ??ان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، جنهن وزيراعظم ??ان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ مجموعي ملڪي صورتحال، عوام کي درپيش مسئلن ۽ ميڊيا بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن بابت هلايل مهم جو ٽوڙ ڪ??ڻ ۽ ماڻهن کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ حڪومت ??ان گڏوگڏ مسلم ليگ (ن) کي به ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي مثبت ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته سينيٽ کي جمهوري قدرن ۽ باوق??ر ماحول لاءِ چونڊيل ايوانن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف سينيٽر عرفان صديقي کي پرڏ??هي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان جي اڳواڻي ۾ پرڏ??هي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت، پرامن ۽ تعميري تشخص اڀارڻ تي خاص ڌيان ڏيندي.
سڄي ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ بيقيني پکيڙيندڙن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria