ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته بزدلاڻي حملن جي منصوباسازن، اتساهيندڙن، سهولتڪارن ۽ مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وي??دو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي حملن جي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي، متاثرين جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ معصوم جانين جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ وقت سر جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ??ي ساراهيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم بلوچستان جي عوام جي قومي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ قربانين ۽ ڪردار ??ي ساراهيندي عزم ڪيو ته پاڪستان جا دشمن بلوچستان ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا، ا??هن کي پوري قوت ۽ قومي حمايت سان شڪست ڏني وي??دي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ تازي افسوسناڪ واقعي سان پوري قوم ڏکويل آهي. هن چيو ته معصوم ماڻهن جو رت وهائيندڙ خوارج کي ڪنهن به قسم جي گنجائش نه ڏني وي??دي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان پاڪستان جو هڪ اهم ۽ خوبصورت صوبو آهي ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو وي??دو. وزيراعظم چيو ته وطن ۽ معصوم شهرين جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙن جون قربانيون رائيگان نه وي??ديون. وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان جي آئين جو احترام ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ممڪن ٿي سگهن ٿيون جيڪي قومي جهنڊي ??ي سلامي ڏين ٿا. ڪميٽي معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو عزم ڪيو. بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ دهشتگردن جي خلاف جاري آپريشنز جو جامع جائزو ورتو وي?? ۽ ڪميٽي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ انٽيلي جنس شيئرنگ ۽ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. فورم ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي)، پوليس، ليويز ۽ لاڳاپيل ادارن جي صلاحيت وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم ۽ آرمي چيف دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم قومي ترقي جي لاءِ بلوچستان جي عوام جي قربانين ۽ تعاون ??ي ساراهيندي عزم ڪيو ته پاڪستان جا دشمن بلوچستان ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا، ا??شاءَ الله پوري قوت ۽ قومي حمايت سان شڪست ڏني وي??دي. ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو ته بزدلاڻي حملن جي منصوباسازن، اتساهيندڙن، سهولتڪارن ۽ مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وي??دو ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وي??دو. اجلاس جي آخر ۾ وزيراعظم بلوچستان ۾ تازن دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن ۾ امدادي رقم جا چيڪس ورهايا ۽ انهن کي رياست پاران مڪمل تعاون ۽ تحفظ جو يقين ڏياريو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، منصوبابندي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ا??تصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، ا??م صوبائي وزيرن، صوبائي سيڪريٽريز، ڪمانڊر بلوچستان ڪور ۽ سينيئر سول، پوليس، ا??ٽيلي جنس ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاران دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت