اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اس??يٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ر??ٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاليسي ر??ٽ ۾ گهٽتائي ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئ??ده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاليسي ر??ٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستاني معيشت ت?? سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ناڻي واڌ جي شرح ۾ تيزي سان ٿيندڙ گهٽتائي جي ڪري وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania