اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اوزون تهه جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڪوششن جي جائزي ۽ ان کي جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري جي اوزون تهه جي بچاءُ لاءِ عالمي قدمن ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم شهباز شريف، اوزون تهه جي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته بدقسمتي سا?? اوزون تهه کي انساني سرگرمين شديد متاثر ڪيو آهي ۽ ان ۾ گهاري جو سبب بڻيون آهن. هن چيو ته اوزون تهه ۾ گهاري انسانن سميت ڌرتي تي موجود هر جاندار کي خطري جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، تنهن هوندي به گڏيل قومن تحت ويانا ڪنوينشن ۽ مونٽريال پ??وٽوڪول ذريعي عالمي ڪوششن جي نتيجي ۾ اوزون تهه ۾ گهاري کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حوصلي واري آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري جي اوزون تهه کان بچاءُ لاءِ عالمي قدمن ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪيو. پاڪستان 1992ع ۾ مونٽريال پ??وٽوڪول جي توثيق ڪئي جيڪو اوزون تهه کي ختم ڪندڙ ڪيميائي مادن (او ڊي ايس) کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته تڏهن کان پاڪستان ان حوالي سا?? نمايان سنگ ميل عبور ڪيا آهن. اوزون تهه جي تحفظ جي قدمن جي تسلسل کي جاري رکڻ لاءِ حڪومت پاڪستان 1996ع ۾ خصوصي طور تي هڪ نيشنل اوزون يونٽ (اين او يو) قائم ڪيو. ان يونٽ تحت پاڪستان ڪسٽمز، ريفريجريشن ۽ ايئر ڪنڊيشنگ انڊسٽري، واپار واري وزارت، فني ماهر ۽ انجنيئرز، امپورٽ ڪندڙ ۽ واپارين سا?? پنهنجي گڏيل ڪوششن ذريعي مونٽريال پ??وٽوڪول جا 11 مرحلا ڪاميابي سا?? مڪمل ڪيا ويا آهن. پاڪستان 2009ع تائين اوزون تهه کي متاثر ڪندڙ ڪيميائي مادن جي پهرين قسم کي مرحليوار ختم ڪري ڇڏيو ۽ جنوري 2020ع تائين ايڇ سي ايف سي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف حاصل ڪري ورتو. وزيراعظم چيو ته ان سا?? گڏوگڏ اسان 2025ع تائين پنهنجي ڪيترين ئي صنعتن کي اوزون دوست ٽيڪنالاجيز تي منتقل ڪري 67.5 سيڪڙو گهٽتائي جي هدف کي پورو ڪرڻ جي راهه تي تيزي سا?? گامزن آهيون. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تحفظ جي تعين اسان جو اجتماعي عزم ڀرپور طريقي سا?? جاري آهي. هن چيو ته آئون ان موقعي تي ماحولياتي تحفظ لاءِ جاري گڏيل قومن لاءِ پنهنجي حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. اوزون تهه جي تحفظ لاءِ اسان جون اجتماعي ڪوششون ماحولياتي تحفظ لاءِ اسان جي ذميواري ۽ پائيدار ترقي لاءِ اسان جي جذبي جي عڪاسي ڪن ٿيون. وزيراعظم زور ڀ??يو ته اچو ته اسان هلندڙ سا?? جي موضوع مونٽريال پ??وٽوڪول- ايڊوانسنگ ڪلائميٽ ايڪشنز تحت ايندڙ نسلن لاءِ ڌرتي جي حفاظت خاطر پنهنجي متحده ڪوششن کي جاري رکڻ جو عزم ڪريون.
پاڪستان عالمي برادري جي اوزون تهه جي بچاءُ لاءِ عالمي قدمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا