اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان انساني حقن جون پنهنجون سموريون عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ترجمان فوجي عدالتن جي تازن فيصلن تي بيانن بابت سوال جي جواب ۾ جا??ي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جو قانوني نظام عالمي انساني حقن جي قانون سان هم آهنگ آهي جنهن ۾ شهري ?? سياسي حقن جي عالمي معاهدن جون شقون به شامل آهن. هن چيو ته ان ۾ اعليٰ عدالتن ذريعي عدالتي نظرثاني به موجود آهي جنهن ۾ انساني حقن ۽ ب??يا??ي آزادين کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پارليامينٽ جي بنايل قانون تحت ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن مطابق ??يا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جمهوريت جي اصولن، انساني حقن ۽ ق??نون جي حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعميري ?? نتيجا ڏيندڙ ڳالهين تي يقين رکي ٿو. ترجمان چيو ته اسان جي ايس پي پلس اسڪيم ۽ ب??يا??ي عالمي انساني حقن جي ڪنوينشنز تحت پنهنجن وعدن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهيون، اسان بنا ڪنهن فرق ۽ ٻٽي معيار جي عالمي انساني حقن جي قانون کي برقرار رکڻ لاءِ يورپي يونين سميت پنهنجي عالمي ڀائيوارن سان ڳالهيون جا??ي رکنداسين.
پاڪستان انساني حقن جون پنهنجون سموريون عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے