تل ابي??-26 ??سمبر (اي پي پي) اسرائيل جي حڪومت آمريڪا جي سڀ کان وڏي سيمي ڪنڊڪٽر چپ مينيوفيڪچرر ڪمپني انٽيل کي ملڪ ۾ 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري تي 3.2 ارب ڊالرن جي گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق انٽيل هلندڙ سال جون ۾ اسرائيل جي ڏکڻ حصي ۾ 25 ارب ڊالر جي لاڳت سان نئين چپ پلانٽ جي تعمير جو اعلان ڪيو آهي اسرائيلي ??زيراعظم بنجمن نيتن ياهو انٽيل جي ان فيصلي کي بي مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته هي اسرائيلي ۾ ڪنهن پرڏيهي ڪمپني جي ه??ڻ تائين سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي. واضح رهي ته 182 ارب ڊالرن کان وڌيڪ اثاثا رکندڙ آمريڪا جي ملٽي نيشنل ڪمپني انٽيل جون 1974ع کان پوءِ اسرائيل ۾ مختلف هنڌن تي 3 تحقيقي ۽ ترقياتي مرڪز?? سان گڏوگڏ ڪريات گاٽ ۾ هڪ مينيوفيڪچرنگ پالنٽ به قائم ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2