رياض-19 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي هم منصب انٽوني بلنڪن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. سعودي پريس ايجنسي مُوجب اڳواڻن غزه ۾ جنگ جي خاتمي جي ڪوششن، سوڊان ۽ يمن سميت خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ياد رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ اوڀر جي دوري جي پهرين مرحلي ?? اسرائيل پهتو آهي جنهن جو مقصد غزه ۾ جنگ بندي معاهدي لاءِ ڌرين تي سفارتي دٻاءَ وڌائڻ آ??ي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز