گڏيل قومون – 13 جون (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ پناهگيرن ?? بي گهر ماڻهن جو انگ 120 ملين کان وڌي ويو آهي. تاس گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جي سالياني گلوبل ٽرينڊز رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته پناهگيرن ?? بي گهر ماڻهن جو انگ اپريل 2024 جي آخر تائين 120 ملين کان وڌي چڪو، هڪ اندازي مطابق 2023 جي آخر ۾ 117.3 ملين ماڻهو ظلم، جبر، تڪرارن، تش??د، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ امن کي سنگين طور تي پريشان ڪندڙ واقعن سبب بي گهر ٿيا، اهو اضافو 2022 ??ي آخر جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو يا 8.8 ملين (88 لک) وڌيڪ آهي. يو اين ايچ سي آر جو اندازو آهي ته 2024 جي شروعاتي چئن مهينن ۾ جبري لڏپلاڻ ۾ مسلسل اضافو ٿيو ۽ اپريل 2024 جي آخر تائين امڪان آهي ته اهو انگ 120 ملين کان وڌي ويو آهي. اداري جو چوڻ آهي ته جبري لڏپلاڻ امن ۽ سلامتي کي برقرار نٿي رکي سگهي، 2023 ۾ گهٽ ۾ گهٽ 27.2 ملين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ۽ انهن مان هر چوٿين کي پنهنجو اباڻو ملڪ ڇڏڻو پيو.
دنيا ۾ پناهگيرن ۽ بي گهر ماڻهن جو انگ 120 ملين کان وڌي ويو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste