مڪي شريف-05 جو??اءِ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ پهرين محرم 1446 هجري تي ??عبي شريف جي غلاف جي تبديلي جو?? سموريون تياريون مڪمل ڪيون وي??ن آهن. عالمي خابرو اداري ( اردُو نيوز) موجب ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جو ڪم 159 فني ماهرن ۽ ڪاريگرن ذريعي ٿيندو آهي. هر سال ڪعبي شريف جي پراڻي غلاف کي سونهري ڪڙن سان ٻڌو وي??دو آهي. انهن مان ڪڍي ڪري ان جي جائي تي نئين غلاف کي مڪمل طور تي ??عبي شريف تي لڳائڻ جي عمل ۾ ٽي کان 4 ڪلاڪ لڳن ٿا . ڪنگ عبدالعزيز ڪسوه ڪمپليڪس ۾ خانه ڪعبه جي غلاف جي تياري تي 200کان به وڌيڪ ماڻهون ڪم ڪن ٿا. اهي سمورا ماڻهون غلاف جي تياري جي مختلف مرحلن ۾ حصو وٺن ٿا .غلاف جي تياري لاءِ هڪ هزار ڪلوگرام ڪچو ريشم ??ستعمال ٿيندي آهي جنهن کي ڪمپليڪس جي اندر ڪارو رنگ ڏنو وي??دوآهي. ڪپڙي جي تياري جي حوالي سان ڪمپليڪس ۾ جديد ترين مشينون موجود آهن. مشينون قرآني آيتن جو ڀرت تيار ڪرڻ ۽ دعائن لاءِ ڪارو ريشم ??يار ڪن ٿيون. سادو ريشم ??ه تيار ڪيو وي??دو آهي. ان تي آيتون پرنٽ ڪيون وي??ديون آهن اهڙي طرح سون ۽ چاندي جي ڌاڳن سان ڀرت پڻ ڀريو وي??دو آهي. ڪعبي شريف جي غلاف لاءِ 120 ڪلو گرام سون ۽ 100 ڪلو گرام چاندي جو ڌاڳو استعمال ٿيندو آهي. غلاف جي تياري جي هر عمل ۾ استعمال ٿيندڙ مواد جي پنجن ڀرپور طريقي سان ٿيندي آهي مواد جي جاچ لاءِ ليبارٽري به موجود آهي.
پهرين محرم تي ڪعبي شريف جي غلاف جي تبديلي جون تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا