سيئول – 15 آگسٽ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جاپاني اڳواڻ?? طرفان تڪراري ياسوڪوني مزار جي دوري تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کي جاپان جي عسڪري ۽ نوآبادياتي ماضي جي علامت طور ڏٺو وڃي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق خميس ڏينهن ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ان حقيقت تي مايوسي ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿي ته جاپان جي ذميوار اڳواڻن هڪ ڀيرو ٻيهر ياسوڪوني مزار جو دورو ڪيو. وزارت جاپاني اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو تاريخ جي مڪمل ڄاڻ رکن ۽ پنهنجي عمل ذريعي ??اپان جي ماضي جي معاملن تي پنهنجي پشيما??ي جو اظهار ڪن، سندن اهو عمل مستقبل ت?? ٻڌل ڏکڻ ڪوريا-جاپان جي لاڳاپن جي ترقي لاءِ هڪ اهم بنياد بڻجندو. جاپان جي وزيراعظم فوميوڪيشي??ا گذريل ڏينهن ٻئين عالمي جنگ ۾ جاپان پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ جا 79 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي ??ي سرڪاري اختيارين تي ٻڌل وفد کي تڪراري ياسوڪوني مزار تي موڪليو هو.
ڏکڻ ڪوريا پاران جاپاني اڳواڻن جو تڪراري ياسوڪوني جي مزار جي دوري تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : بونانزا