اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? معاشرو خصوصي ماڻهن جو ساٿ ڏي ته اهي تمام بهتر زندگي گذاري سگ??ن ٿا، خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن کي رڳو هڪ ڏينهن تائين محدود نه رکڻ گهرجي، هڪ تندرست انسان وهيل چ??ئر تي ڪرڪيٽ مئچ کيڏڻ جو سوچي به نه ٿو سگ??ي پر خصوصي ماڻهن اهو ڪري ڏيکاريو، اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پرائيم منسٽر ايجوڪيشن ريفارمز پروگرام تحت اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ اپ گريڊيشن، انفراسٽرڪچر ۽ رنگ روغن جو ڪم شروع ڪيو، انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتون به شامل آهن، ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ پي ٽي وي تان خصوصي بليٽن شروع ڪئي وئي آهي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان خصوصي ماڻهن جي لاءِ هفتي ۾ هڪ ڏينهن مارننگ شو ڪن. هو پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ اٺين آل پاڪستان وهيل چ??ئر يوزرس ڪرڪيٽ ??ور??امينٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.
معاشري جي ساٿ سان خصوصي ماڻهو بهتر زندگي گذاري سگهن ٿا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش