اسلام ??با?? – 26 اپريل (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي (ايڪنڪ) 309.558 ارب رپين جي لاڳت سان مهمند ڊيم هائيڊرو پاور منصوبي ۽ پشاور موڙ کان ني?? انٽرنيشنل ايئرپور?? تائين ميٽرو بس سروس جي لاءِ بنيادي ڍانچي ۽ لاڳاپيل اڏاوتن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايڪنڪ جو اجلا?? وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. ايڪنڪ 309.558 ارب رپين جي لاڳت سان مهمند ڊيم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي منظوري ڏني جيڪو هڪ ڊگهي مقصد وارو منصوبو آهي جنهن سان 800 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار حاصل ٿيندي ۽ ان جي پاڻي ذخيري جي گنجائش 1594 ملين مڪعب ميٽر هوندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی