اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس من??قد ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان ۽ ڊائريڪٽر ج??رل انٽر سروسز ا??ٽي??يجنس ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جي خودمختياري جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria