رياض- 14 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ مسجدالحرام ۾ هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 5 سو اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن . ايس پي اي موجب حرمين شريف کي کاتي مسجدالحرام هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ مختلف معاملن ۾ مدد لاءِ 500 اهلڪار ن جون خدمتون ح??صل ڪيون آهن . اهي اهلڪار مسجدالحرام جي داخلي دروازن ۽ پڌر ۾ زائرين کي منظم ڪرڻ ۾ مدد ۽ مسجد ۾ حفاظتي وسيلن جي وقت سر فراهمي کي يقيني بڻائيندو مسجد ۾ ازدحام واري هنڌ اهڙن اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو جڪي اردو ، انگلش، فارسي، ترڪي، زبانن تي عبور رکن ٿ?? ته جئين زائرين جي رهنمائي ۾ اساني ٿئي ، سول اهلڪار زائرين جي آمد رفت ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي ختم ڪندا زائرين کي انهن جي گه??بل هنڌ تائين پهچڻ ۾ مدد ڪندا .
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔