قاهره-13 مئي (اي پي پي) مصر چيو آهي، ته هو غزه ۾ جاري جنگ جي تناظر ۾ انصاف واري عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۾ اسرائيل خلاف ڏکڻ آفريقا طرفان نسل ڪشي واري ڪيس جي حمايت لاءِ باضابطه ڌر بڻجڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. العربيه جي رپورٽ مطابق مصر جي پرڏيهي وزارت چيو آهي، ته ??هو قدم غزه جي پٽي ۾ فلسطيني شهرين خلاف اسرائيلي حملن جي وڌندڙ شدت ۽ دائرڪار کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي فيصلو منظرم اسرائيلي طريقن ۽ حملن وچ ۾ ڪيو ويو، جن ماڻهن کي آخرڪار لڏپلاڻ ۽ پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو آهي جنهن سبب هڪ بي مثال ا??سا??ي بحران پيدا ٿيو آهي. مصر طرفان ??هو اعلان ان ڳالهه کان پوءِ ڪيو ويو جڏهن اسرائيل گذريل هفتي مصر جي سرحد رفح جي اوڀرندي علائقي ۾ داخل ٿي عالمي مخالفت جي نفي ڪئي ۽ ويجهي گذرگاه?? تي قبضو ڪيو جيڪو والاريل فسلطيني علائقي ۾ امداد جي رسد لاءِ اهم رستو آهي. ڏکڻ آفريقا جنوري ۾ عالمي عدالت کي ??هو اعلان ڪرُڻ جو چيو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي ۽ هو اسرائيل کي پٽي ۾ پنهنجي فوجي مهم روڪڻ جو حڪم ڏئي.
ڏکڻ آفريقا طرفان انصاف واري عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف نسل ڪشي واري ڪيس ۾ مصر به ڌر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا