رياض _ 16 مئي (اي پي پي ) سعودي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبد ا??عزيز ڪيترائي شاهي فرمان جاري ڪيا آهن . عرب نيوز مط??بق شاهه سلمان شهزاده ڊاڪٽر عبد ا??عزيز بن محمد بن عبد ا??عزيز عياف آل مقرن کي پنهنجو خاص صلاحڪار مقرر ڪيو آهي . شاهه سلمان نائب وزير ن??شنل گارڊ عبد ا??محسن بن عبد ا??عزيز التو يجري کي پنهنجي عهدي تان برطرف ڪري ايوان شاهي ۾ صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي . شاهي فرمان ۾ شهزاده ڊاڪٽر عبد ا??عزيز بن محمد بن عبد ا??عزيز عياف آل مقرن کي نيشنل گارڊ جي نائب وزير جون ذميواريون ڏنيون آهن . شاهه سلمان خالد بن محمد بن عبد ا??عزيزالعبد ا??ڪريم کي ڪابينه جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي . شاهي فرمان ۾ شيانه بنت صالح بن عبد ا??له العزاز کي ڪابينه جي نائب سيڪريٽري مقرري کان برطرف ڪري شاهي ايوان جي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي اهڙي طرح مازن بن ترڪي بن عبد ا??له السدريري کي ڪابينه ڪائونسل ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو آهي . انجنيئر سامي بن عبد ا??له مقيم کي سعودي ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت اٿارٽي ۾ نائب سربراهه جڏهن ته الربدي بن فهد بن عبد ا??عزيز کي قومي ڊيٽا اداري جو سربراهه مقرر ڪيو آهي . شاه سلمان عبد ا??محسن بن سعد ا??محسن کي نائب ناڻي وارو وزير ، عبد ا??عزيز بن سعود بن عبد ا??عزيز الدحيم کي نائب واپار وارو وزير ، ڊاڪٽر عبد ا??له بن علي بن محمد ا??احمري کي نائب صنعت وارو وزير ۽ انجنيئر انس بن عبد ا??له بن حمد ا??صليح کي نائب سياحت وارو وزير مقرر ڪيو آهي .
سعودي عرب ۾ مختلف وزارتن ۾ اهم مقرريون ، شاهي فرمان جاري
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش